ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 2400 رپيا مهانگو: ڊالر 210 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2400 رپيا واڌ سان 135600 مان 138000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي  1580 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 210 رپين تي بيٺل رهيو ، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 69 پئسا لاٿ سان213.20 رپين تي بند ٿيو،  ٻئي طرف  پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 256 مان 257 ۽ يورو 3 رپيا لاٿ سان 217 مان 214 رپين تي پهتا