ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 100 رپيا سستو: ڊالر 238.75 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 100 رپيا لاٿ سان 184500 مان 184400 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون 6 ڊالرن جي لاٿ سان 1909 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف  چاندي 2200 ۽ پائونڊ  306 رپين تي بيٺل رهيا، هوڏانهن  يورو  25 پئسا واڌ سان 271 مان 271.25 رپيا ٿي ويو