لاهور(م ڊ) سستي تيل ۽ ايل اين جي جي خريداري سميت اهم معاملن جي مشاورت لاءِ روس جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهچي ويو آهي. اسلام آباد ۾ ٽه ملڪي اجلاس ٿي رهيو آهي جيڪو 3 ڏينهن جاري رهندو. اجلاس ۾ چين روس ۽ پاڪستان شرڪت ڪندا. پاڪستان جي وفد جي سربراهي اياز صادق ڪندو. اجلاس اڄ شروع ٿيندو. جنهن ۾ سستي تيل ۽ ايل اين جي جي خريداري تي مشاورت ڪئي ويندي.