سڳيون (ن پ ا) سڳيون جي ڪچي واري علائقي ۾ بااثرن عدالتي حڪمن کي ٿڏيندي ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ زمين تي ڪڻڪ سميت مختلف فصل پوکي ڇڏيا. سڳيون جي ڪچي واري علائقي جي ڪيٽي موسيٰ ٻگهيو، ڪيٽي نواڙو، ڪيٽي منگي ماڙي، ڪيٽي ڇٽو چنو سميت مختلف ٻيلن جي لکين ايڪڙ زمينن تي بااثر قبضا مافيا فصل ڪاهي ڇڏيا آهن. ان حوالي سان علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي اعليٰ عدليه کي اپيل ڪئي ته سنڌو درياھ جي ٻنھي پاسن کان ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ ايراضيءَ تي ڪيل قبضن ۾ ٻيلي کاتي جا عملدار به ملوث آهن، جن رشوت عيوض سرڪاري ايراضي بااثر وڏيرن حوالي ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ٻيلي کاتي جي رشوت خور عملدارن ۽ بااثر وڏيرن خلاف سخت ايڪشن کڻي ٻيلن کي بحال ڪرايو وڃي.