اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس جي فيصلن تي رد عمل ظاهر ڪندي پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙ ۽ آئين جي لتاڙ ڪندڙ مجرمن جي اجلاس جي پڌرنامي جي ڪا حيثيت ناهي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي باني گروپ مان اها ئي اميد هئي، هي پاڪستان جي آئين تي حملو ڪري رهيا آهن، فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ سنگين ترين معاشي ۽ سياسي بحران جو سبب هي گروهه آهي، گذريل 11 مهينن دوران انهن معيشت کي لوڏي ڇڏيو، ملڪ ۾ موجود سياسي، معاشي بحرانن جو واحد حل صاف شفاف چونڊون آهن، چونڊن ۾ کين پنهنجي سياسي موت نظر اچي ٿو، هن چيو ته آڊيو ليڪس ذريعي ججن کي نشانو بڻائڻ، بينچن جي جوڙجڪ تي اعتراض جي آڙ ۾ هي گروهه سپريم ڪورٽ کي آئين جي تحفط کان روڪڻ چاهي ٿو،اليڪشن ڪميشن به هنن جي سهولتڪار آهي، فواد چيو ته ضرورت پئي ته پنهنجي عدليه جي آزادي ۽ آئين جي بحالي لاءِ عمران خان ملڪ گير تحريڪ جو اعلان ڪندو. هن چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سومر تي هڪ ٻيو وزيراعظم فارغ ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ پهريان چونڊن جو حڪم ڏنو هو، هي ٽئي رڪني بينچ رڳو عملدرآمد لاءِ آهي.