ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جو هڪ ٻيو سوشل ميڊيا ورڪر گم ٿي ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد سلمان جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد سلمان جي بازيابيءِ لاءِ سندس ڀاءَ رشيد رئوف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته  سندس ڀاءُ ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب تي پي ٽي آءِ جي مظاهري ۾ شرڪت ڪئي، احتجاج کان پوءِ محمد سلمان گم آهي، خدشو آھي  کيس ڪنھن ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويندو، محمد سلمان خان جي جان کي به سخت خطرو آهي، جڏهن ته ايف آء اي ۽ آرٽلري ٿاڻي تي درخواست ڏني آھي پر لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس ڪو تعاون نٿي ڪري، درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ايس آءِ يو، انچارج سي ٽي ڊي، ايس ايس پي انويسٽيگيشن، ڊي جي ايف آءِ اي کي پڻ ڌر بڻايو ويو آهي.