اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل اپيل واپس وٺڻ چاهي ٿي، حڪومت هن ڪيس جي پيروي نٿي ڪرڻ چاهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انصاف جي گهرج کي نظر ۾ رکندي ڪيس واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس کي اڳوڻي وزيراعظم جي انتقامي ڪارروائي، عدليه جي آزادي تي راتاهو هڻڻ ۽ ورهائڻ جي ڪُڌي سازش قرار ڏيندي ڪيوريٽو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي صدر منظوري پڻ ڏني هئي.