اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اسان بند گهٽي ۾ پهچي چڪا آهيون، جيڪڏهن ڪو رستو بچي ٿو ته اهو فل ڪورٽ آهي، تجربي سان ٻڌايان پيو ته وقت گهٽ آهي، حل نه ڪڍيو ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته سياسي بحران پوئتي رهجي ويو، آئيني بحران ملڪ کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته آئيني ۽ سياسي معاملا بند گهٽي ۾ هليا وڃن ته گهڙي جي ٽڪ ٽڪ شروع ٿي ويندي، جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿيو ته اسان ادارا ذميوار هونداسين. پ پ اڳواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ ذريعي رستو نه ڪڍيو ته ٻيو ڪوبه رستو نٿو بچي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان کي ملڪ مٿان مڙهڻ ئي ملڪ کي پيش ايندڙ خرابي جو اصل بنياد آهي. سياسي بحران حل ڪرڻ بجاءِ سنگين آئيني بحران پيدا ڪيو ويو آهي.