سن (ن پ ا) سن ڀرسان زمين معاملي تان جھيڙو ٿي پيو،  جنهن ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾  اسلم گائنچو سجاد گائنچو، احمد گائنچو، ابراھيم گائيچو شامل آهن. واقعي بعد انڊس ھاء وي روڊ بند ڪيو ويو. ھڪ ڪلاڪ روڊ بند ھجڻ ڪري  روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين  گاڏيون بيھي ويون. زوار پيراڻو گائينچو ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته بااثر وڏيري شير محمد گائيچو رضا محمد گائيچو علي بخش گائينچو فھيم گائينچو ڪھاڙيون ڏنڊا ھڻي سليم باجاري جا خاض ماڻهو آهن ھتي وڏي خون ريزي ڪرائڻ چاھين ٿا. ايس ايس پي ڄامشورو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري  گائينچا برادري جي ماڻهن ۽ مسافرن ۾ چڪريون ٿي پيون جنهن کان پوء ڊي ايس پي آمري  شاھد قريشي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي  ڳالھيون ڪري بااثرن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياري روڊ کولرايو جنهن کان پوء زخمين کي ليٽر ڏئي حيدرآباد رفر ڪيو ويو.   زوار پيراڻو گائينچو الزام ھڻندي چيو ته  وڏيرو رضا محمد گائينچو وڏيرو علي نواز گائينچو  وڏيرو شير محمد گائينچو ۽ ٻيا هٿيار بند ماڻهو وٺي منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. ھي پھريان مون تي ڪوڙا ڪيس ڪرائي چڪا آهن اسان کان سياسي انتقام وٺي رھيا آهن.