ميھڙ (ن پ ا) نامياري آرٽسٽ سحر شاھ رضوي جي ڀاءُ پارس شاھ جي موت واري مامري جي جاچ لاءِ  سنجر جتوئي، منٺار خاصخيلي، مختيار چانڊيو، سعيد چانڊيو، صاحب خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ميهڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته پارس شاھ جي قتل ڪيس جي صحيح جاچ نه پئي ٿي، پارس شاھ جي سيل ٿيل گهر جا تالا ٽوڙي ثبوت مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته مامري جي جاچ ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.