حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ منشيات ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل جوابدار جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار محمد قاسم ماڇي کي اسپيشل جج اينٽي نارڪو ٽڪس شهيد بينظير آباد 13 ڊسمبر 2018ع تي ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدار وڪيل عشرت علي لوهر معرفت سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي. جسٽس محمد ڪريم خان آغا ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي مشتمل ڊويزن بئنچ 22 فيبروري 2023ع تي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو جاري ڪندي جوابدار کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته 28 آڪٽوبر 2015ع تي نوابشاهه جي ٻنجو ٿاڻي جي پوليس جوابدار محمد قاسم ماڇي کي موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري سندس قبضي مان 11 هزار گرام (11 ڪلو) چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.