حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ چيو آهي ته حڪمرانن ملڪي آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهي پاسي تي رکي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ کي آئين بدران حڪمران ڌر جي مرضي ۽ منشا موجب هلايو پيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ لال جروار ۽ ٻين چيو ته آدمشماري آئين تحت ڪرڻ بدران هڪ ڌر کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. ملڪ ۾ آئين جي سنگين توهين ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي آئين موجب غير ملڪين کي ووٽ جو حق ئي ناهي ته پوءِ ڊجيٽل آدمشماري ۾ انهن کي ملڪ جو شهري ڳڻي آئين جي ڀڃڪڙي ڇو پئي ڪئي وڃي؟ هنن چيو ته آدمشماري حساس معاملو آهي ان ڪري سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ آئين کي پاسيرو رکي فيصلو ڪندڙن خلاف غداري جا ڪيس هلائي. هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جي چونڊن لاءِ 20 ارب گهريا آهن.