ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار وزيراعظم کي سنڌ مٿان رحم جي اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته 91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائي سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال ۽ اطلاعات واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار پنجاب حڪومت سان گڏجي سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽائي ڇڏيو آهي، هن وقت سنڌ کي 1991 ٺاهه تحت مقرر ٿيل حصي کان 70 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، سنڌ جي آخري بئراج ڪوٽڙي وٽ پاڻي جي کوٽ 44 سيڪڙو ٿي وئي آهي جنهن ڪري فصل ته ڇا پر سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، ارسا ۾ سنڌ ميمبر زاهد جوڻيجو جي موجودگي ۾ آبپاشي وزير سهيل انور سيال چيو ته 8 اپريل تي ارسا جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ سنڌ جي نمائندي جي هڪ به نه ٻڌي وئي، پاڻي جي ورڇ 1991ع واري ٺاهه بدران ٽه رخي فارمولي تحت ڪري چشما جهلم توري تونسا پنجند لنڪ ڪئنال غيرقانوني طور کوليا ويا. سهيل انور سيال چيو ته سنڌ سان پاڻي واري معاملي تي انتهائي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ٺٽي، سجاول، بدين سميت 6 ضلعن ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي، ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، هن چيو ته گذريل سال وڌيڪ پاڻي هئڻ باوجود ڊيم نه ڀريا ويا ، هن وقت ڊيمن ۾ موجود پاڻي سنڌ بدران غيرقانوني طور تي پنجاب کي ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته وفاق ڪراچي لاءِ مقرر ٿيل پاڻي به نه پيو ڏئي، جنهن ڪري ڪي 4 منصوبو رڪيل آهي، هن چيو ته اسان کي جيڪو پاڻي ڏنو وڃي پيو ، اسان ڪوشش ڪري ان جي منصفاني ورڇ ڪريو پيا، هن وقت سنڌ پاڻي جي خطرناڪ کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته آئون وزيراعظم کي اپيل ٿو ڪريان ته هو سنڌ جي ماڻهن تي رحم کائي، چشما جهلم ڪئنال کي بند ڪرائي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياري، ڇاڪاڻ جو سنڌ جا ماڻهو به پاڪستان جا شهري آهن. صوبائي وزيرن چيو ته سنڌ سرڪار پاڻي وارو مامرو سي سي آءِ ۾ کڻي ويندي، هنن چيو ته سنڌ زرعي صوبو آهي، پاڻي کوٽ ڪري هتان جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي ، سنڌ جي ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي ختم ٿي رهيو آهي هنن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، جيڪو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي.