دوحا (م ڊ) قطر جي اٽارني جنرل عوامي فنڊن جي غلط استعمال ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام ۾ ناڻي واري وزير علي شريف کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهو يصلو سرڪاري شعبي جي ڏوهن بابت دستاويزن ۽ رپورٽن جو جائزو وٺڻ بعد ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير خلاف جاچ جاري آهي. علي شريف 2013ع کان ناڻي وارو وزير آهي.