ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڱاري 11 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مارڪيٽ ڪاميٽي جي پينشنرن، اطلاعات کاتي جي اشتهارن بابت نئين جوڙيل پاليسي بابت غور ويچار ڪري فيصلو ڪيو ويندو.جڏهن ته پرائيوٽ ڪار سروس کي ريگيورلائيز ڪرڻ لاءِ موٽروهيڪل آرڊينينس 1965 ۾ ترميم، رولو ڪتن جي ويڪسينيشن ۽ انهن جي آبادي تي ڪنٽرول لاءِ قانون سازي ڪرڻ توڙي ٻيون ايجنڊائون اجلاس ۾ شامل ڪيون ويون آهن.