اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چونڊ سڌارن تي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن پارٽين سان رابطي لاءِ رابطي لاءِ حڪومتي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر سموين پارلياماني پارٽين سان رابطي لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، پنج رڪني ڪاميٽي ۾ دفاع جي وفاقي وزير پرويز خٽڪ، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري، رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر، پارلياماني مامرن جي صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاون عامر ڊوگر کي شامل ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر جي پارٽين سان چونڊ سڌارن بابت ڳالهيون ڪندي. اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته اپوزيشن سان رابطي بعد چونڊ سڌارن لاءِ ڪُل جماعتي پارلياماني ڪاميٽي جوڙي ويندي، پوري ڪوشش آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ چونڊ سڌارا ڪري لاڳو ڪيا وڃن.