ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر بجيٽ تي بحث دوران الزام هنيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ترقياتي منصوبن لاءِ پئسا ڪٿي خرچ ٿين ا، انهي جو ڪو حساب ڪتاب ناهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پري سيشن بجيٽ تي بحث دوران پي ٽي آءِ جي فردوس شميم نقوي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ جو واعدو ڪيو پر هڪ بس به نه آئي آهي، ڇا ڪراچي کي سهولتن جي ضرورت ناهي؟ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ آئي آهي، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به امن امان جو مسئلو آهي. قاسم سراج سومرو اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي گھٽ فنڊ ملڻ ڪري ڪورونا جي حوالي سان انتظام ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آيون، سنڌ حڪومت عوام لاءِ سڀني کان وڌيڪ بهتر قدم کنيا، ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد چيو ته آبپاشي کاتي 99 ، ورڪس 96 ۽ تعليم کاتي 27 سيڪڙو بجيٽ خرچ ڪئي آهي، هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي شهري علائقن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ سنڌ حڪومت وٽ پئسو ناهي، 17 اسڪيمون 8-8 سالن کان هلي رهيون آهن، اڪثر اسڪيمن جو رپيو به جاري ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته جن گھرن کي گٽر نالن کي صاف ڪرڻ لاءِ ڊاٺو ويو، اهي نالا به ٺيڪ نه ٿي سگھيا آهن ، برسات جي موسم ويجهي هجڻ ڪري شهري ٻڏڻ جي خوف ۾ مبتلا آهن، جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته پ پ وارا 15 سالن ۾ پنهنجي صوبي کي ٺيڪ نه ڪري سگھيا آهن، انهن کي اڃا ڪيترا سال ڏيون؟ هن چيو ته ورلڊ بينڪ جو ايگرو پروسيسنگ زون پراجيڪٽ مون 2002ع ۾ ٺاهيو هو، 19 سالن ۾ اهي پروجيڪٽ مڪمل نه ڪري سگھيا آهن هن چيو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ڇو لڪائي وڃي ٿي؟. صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته ٺٽي، بدين ۽ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جو حق ته ڏيو. پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته سنڌ جي گدامن مان ڪڻڪ چوري ٿي، سنڌ ۾ ماڻهو مري ويندا آهن، انهي کي ريڙهي ( گاڏي) ۾ کنيو ويندو آهي. هن چيو ته بينظير جي دور ۾ ڪم ٿيو، زرداري ليگ صرف ڪرپشن ڪئي آهي. صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته وفاق اسان کان نيشنل ميوزم ڪراچي واپس ورتو پر هاڻ هلائي نٿا سگھن، پ پ هميشه عوامي ڀلائي جا ڪم ڪيا آهن، تازو مزدور ڪارڊ ڏنو آهي، ا نهي باوجود اسان تي تنقيد ڪئي ويندي آهي،