ڪراچي (م ڊ) ڀارتي اين جي او ”سيڊٽرسٽ“ پاڪستان جي صارم برني ٽيسٽ کي خط لکي 10 آڪسيجن ٽينڪ عطيو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. سماجي ڪارڪن صارم برني وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن وزيراعظم کي ٻڌايو آهي ته ڀارت جي اين جي او سيڊٽرسٽ اسان کي 10 آڪسيجن ٽينڪ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي، صارم برني ٽرسٽ لاءِ اڪيلي سر 10 آڪسيجن جا ٽينڪ فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري حڪومت مدد ڪري ته جيئن ڀارت کي گهربل آڪسيجن پهچائي سگهجي. صارم برني خط ۾ لکيو آهي ته ڪورونا جي ڏکي صورتحال ۾ ڀارت جو ساٿ ڏيڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي. واضح رهي ته ڀارتي فلاحي اداري اپيل ۾ چيو آهي ته اسان جو صحت جو نظام آڪسيجن جي ضرورت پوري نه ڪري رهيو آهي، اسان پنهنجي حڪومت کي ٻڌائي چڪا آهيون ته پاڪستان کان مدد ٿا وٺون، آڪسيجن هوندي ته شهرين جون زندگيون بچائي سگهنداسين.