اسلام آباد(بيورورپورٽ) اڳوڻن قبائلي علائقن ۾ ويڙهاڪن ۽ طالبان جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ جي نشاندهي ڪندي ان معاملي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. وزيرستان مان چونڊيل پي ٽي ايم جي ايم اين اي محسن داوڙ صدر عارف علوي کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن مطالبو ڪيو آهي ته اڳوڻي فاٽا واري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ اتي طالبان ٻيهر منظم ٿي رهيا آهن ان ڪري ان صورتحال تي بحث ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏايو وڃي. ٻئي طرف پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي شروع ٿيڻ بعد اڳوڻي فاٽا ۾ ويڙهاڪ ٻيهر منظم ٿي رهيا آهن، جڏهن انهن علائقن کي ماڻهن کان ڳجهو رکيو ويندو ته رڳو ويڙهاڪ ئي منظم ٿيندا.