موهن جو دڙو (ن پ ا) سنڌ ۾ ڪورونا سبب هڪ هفتي لاءِ سمورا تفريحي ماڳ، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ جو فيصلو . خبر موجب ثقافت کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري جي صحيح سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري چيو ويو آهي ته عيد جي موڪلن دوران تفريحي ماڳن تي عام ماڻهن جي غير معمولي رش رهندي جنهن ڪري سنڌ حڪومت پاران هڪ هفتي لاءِ سنڌ جا تفريحي ماڳ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪو ويو آهي. ان ڏس ۾ جاري ٿيل ليٽر مطابق سنڌ جا قديم ۽ تفريحي ماڳ سڀاڻي 8 مئي کان 15 مئي تائين عام سياحن لاءِ مڪمل طور بند رهندا، جيڪي تفريحي ماڳ بند رهندا انهن ۾ موهن جو دڙو، ڪينجهر، مڪلي، گورک هل ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن ثقفت کاتي جا سمورا هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس پڻ ڄاڻايل ڏينهن دوران بند رهندا.