اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي ڪراچي مان چونڊيل ميمبر قادر خان مندوخيل سنڌ سوڌو ملڪ اندر 6  مهينن تائين رهندڙن کي ڊوميسائيل حاصل ڪرڻ جو قانوني حقدار قرار ڏيڻ لاءِ ترميمي بل پيش ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت پاران به بل جي حمايت، سنڌ جا ميمبر  خاموش، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت ۾ ٿيو، ڪراچي مان چونڊيل پيپلزپارٽي جي ميمبر قادر خان مندوخيل پاڪستان سٽيزن ايڪٽ 1951ع  جي سيڪشن 17 ۾ ترميم جو بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ته وفاقي حڪومت پاران پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ قانون جي مملڪتي وزير شهادت اعواڻ مخالفت بدران بل کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي کي اماڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، جنهن بعد ڊپٽي اسپيڪر اهو بل لاڳاپيل ڪاميٽي کي وڌيڪ غور لاءِ اماڻي ڇڏيو، قادر خان مندوخيل پاران پاڪستان سٽيزن ايڪٽ 1951ع جي سيڪشن 17 ۾ تجويز ڪيل ترميم ۾ هڪ سال جي عرصي بجاءِ 6 مهينن تائين رهندڙ ڪنهن به شخص کي پاڪستان جي شهريت يعني ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تجويز شامل ڪئي آهي، ان بل سبب لکن جي تعداد ۾ سنڌ صوبي اندر رهندڙ ٻين صوبن جي شهرين کي ڊوميسائل ملڻ جي خدشي باوجود بل پيش ٿيڻ وقت سنڌ سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جا ميمبر مهيش ملاڻي، خالد لنڊ، ذوالفقار بهڻ ۽ ٻيا اعتراض بدران خاموش رهيا، ان بل پيش ٿيڻ  کان پوءِ به سنڌ سان تعلق رکندڙ مختلف ميمبر اسيمبلي ۾ آيا جن به ڪو اعتراض نه واريو . ٻئي طرف ايم ايم اي سان تعلق رکندڙ عاليه ڪامران ۽ مولانا جمال الدين پاران 3 مختلف ترميمي بل پيش ڪيا ويا، جن کي به وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽين کي اماڻيو ويو آهي، عاليه ڪامران، مولانا جمال الدين وفاقي اردو يونيورسٽي اسلام آباد ايڪٽ، الدين انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي ايڪٽ ۽ ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد ايڪٽ ۾ ترميم جا 3 بل پيش ڪيا ويا جن ۾ تجويز ڏني وئي ته يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ۾ هڪ مذهبي عالم کي ميمبر طور مقرر ڪيو وڃي،  عاليه ڪامران پاران ٻيو ترميمي بل نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ايڪٽ اسلام آباد ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا مختلف خودمختيار، نيم خودمختيار ادارن، ڪارپوريشنن، اٿارٽين ۾ هر گريڊ جي ملازمن جي هڪ جهڙي پگهار جو نظام آڻڻ لاءِ ترميمي بل پيش ڪيو آهي، ان بل کي به لاڳاپيل ڪاميٽي کي غور لاءِ اماڻيو ويو ، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ايوان جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ مولانا عبدالاڪبر چترالي پاران پيش ڪيل ترميمي بل به منطور ڪيو آهي، جنهن تحت صحابه ڪرام ۽ مقدس هستين جي توهين ڪرڻ  سنگين ڏوهه هوندو، جيڪو ناقابل ضمانت هوندو، اهڙي ڏوهه جي مرتڪب لاءِ سزا 3 سالن کان وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 10 سال ۽ وڌ ۾ وڌ عمر قيد جي سزا ڏيڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي.