لاهور(م ڊ) پنجاب جي مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ن ليگ جي اڳواڻ حمزه شهباز پي ٽي آءِ جي مخالف ۽ پنهنجي اتحادي اڳوڻي ڪاموري احد چيمه ۽ نجي ٽي وي جي مالڪ محسن رضا نقوي کي پنجاب جو نگران وڏووزير نامزد ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ شارٽ لسٽ ڪيل نالا آصف زرداري جي آڏو پيش ڪيا، پنجاب ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي نمائندي ملڪ احمد خان چيو آهي ته پرويز الاهي پاران ڏنل ٽن نالن تي ڪو خاص اختلاف نه آهي. ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته منهنجي پرويز الاهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي آهي، پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ اسان مشاورت مڪمل ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف شارٽ لسٽ ڪيل نالا حتمي مشاورت لاءِ آصف علي زرداري آڏو پيش ڪنيا. رپورٽ موجب وزيراعظم شهبا شريف ٻين اتحادي پارٽين جي سربراهن چوڌري شجاعت حسين، مولانا فضل الرحمان سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ نگران وڏي وزير جي نالن تي مشاورت ڪئي. هنن ملڪ جي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون.