ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته گذريل 11 مهينن دوران پوليو جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو، ان ڏس ۾ ڪالهه صحت واري صوبائي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ پوليو ويڪسين بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن کي صحت کاتي جي اختيارين آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته 7 ڏينهن واري پوليو مھم دوران 94 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا پيا وڃن، جڏھن ته ھاءِ رسڪ يوسيز تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اجلاس کي پوليو مھم جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت ٻڌائيندي چيو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ امڪان آهي ته افغانين جو وڏو انگ پاڪستان اچي سگھي ٿو. جيڪو پوليو خلاف جنگ جي سلسلي پاڪستان لاءِ وڏو چيلنج ھوندو.