ڪراچي(م ڊ) ماحولياتي تبديلي جي ڪري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ 29 سالن ۾ دنيا جا 6 وڏي آبادي وارا شهر ٻڏڻ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري هاڻ ٻوڏون تمام گهڻيون اچي رهيون آهن جيڪو طوفان صدي ۾ هڪ ڀيرو ايندو هو هاڻ اهو ڪجهه شهرن ۾ هر سال ايندو، 2050 تائين گرمي پد وڌڻ جي ڪري دنيا جا وڏا ساحلي شهر ٻڏي ويندا. انهن شهرن ۾ چين جو سڀ کان وڏو شهر شنگهائي، 2 هزار سال اڳ قائم ٿيل مصر جو شهر اسڪندريه، ويٽنام جو شهر هنوئي، ڀارت جو شهر ڪولڪتا، ٿائيلينڊ جو شهر بئنڪاڪ ۽ عراق جو شهر بصره شامل آهن.