بدين (رپورٽ: حميد سومرو) بدين ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف ضلعو بچايو تحريڪ جي سڏ تي پيادل لانگ مارچ شروع، وک وک تي ڀرپور آجيان، 14 جون تي سيڊا آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. بدين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خاص ڪري خريف جي فصلن لاءِ پاڻي نه ملڻ خلاف ضلعو بچايو تحريڪ بدين جي سڏ تي مير نوراحمد ٽالپر، خليل ڀرڳڙي، عطا چانڊيو، خدا ڏنو شاھ، دلبر سنڌي، عبدالغفور چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ زميندارن، هارين، سياسي سماجي ڪارڪنن، واپارين جو پريس ڪلب بدين کان نڪتل پيادل مارچ جي شهر جي شاهنواز چوڪ، شهباز روڊ، قطر مسجد، پير چوڪ، شيخ عمر، پيرولاشاري، آريسر اسٽاپ ۽ رپ کان ٿيندو حيدرآباد روانو ٿيو. پيادل مارچ ۾ شامل مظاهرين مٿان ننڍن وڏن اسٽاپن تي گلن جي ورکا ڪري ڀرپور آجيان ڪئي وئي. قافلي ۾ شامل اڳواڻ مختلف هنڌن تي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته سيڊا جي غلط منصوبابندي سبب لاڙ جا آبادگار معاشي تباهي جي ور چڙهي چڪا آهن، کين هر سال ڪروڙين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هنن چيو ته پاڻي بدين واسين لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، بدين ضلعي جا آبادگار، زميندار، هاري، واپاري، سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي نمائندا پنهنجو حق حاصل ٿيڻ تائين خاموش نه ويهندا. هنن جو چوڻ هو ته حڪومت ۾ ويٺل ايم اين ايز، ايم پي ايز، صلاحڪار ۽ بااثر وڏيرا پاڻي چوريءَ ۾ ملوث آهن، سنڌ حڪومت انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران وفاق تي پاڻي روڪڻ جا الزام هڻي رهي آهي. پاڻي اسان جو حق آهي، اهو وڙهي به وٺنداسين. 14 جون تي حيدرآباد پهچي سيڊا آفيس اڳيان تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو. پيادل مارچ جي قافلي ۾ شريڪ ماڻهو رات تلهار شهر ۾ ترسڻ بعد اڄ ٻيهر منزل ڏانهن روانو ٿيندا. واضح رهي ته تلهار شهر جي واپارين پاڻي کوٽ ۽ پيادل مارچ جي حمايت ڪري اڄ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.