شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ڀرسان ڳوٺ بهادر ڪلوئي ۾ جوابدار مبينا طور 7 ورهين جي نينگري ڪاجل ڌيءُ ويرمو ڀيل کي فصل ۾ کڻي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، نينگري کي رت اچڻ بعد وارث کيس ٿاڻي تي کڻي آيا، پوليس ميڊيڪل ليٽر جاري ڪندي نينگري کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊڪل سائينسز اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرياڻين پاران نينگري جو طبي معائنو ڪيو ويو، ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي، پوليس متاثره نينگري جي چاچي پرڪاش ڀيل جي فرياد تي جوابدار روشن ڀيل خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي پر جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيو، ان حوالي سان نينگري جي چاچي پرڪاش ڀيل ٻڌايو ته ڀائيٽي زرعي زمين تان ڀاڄي پٽڻ وئي ته جوابدار روشن ڀيل کيس زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته گهر تي ڇاپو هنيو پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي. ذريعن موجب مُک جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس سندس سئوٽ رامچو ڀيل کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي.