ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رٿابندي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، ٻوڏ وگهي تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي مرمت، زرعي ۽ صنعتي شعبن جي ترقي بابت منصوبو تيار ڪيو وڃي. ڪالهه هتي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي ايندڙ مالي سال ۾ بي آر ٽي جا مختلف منصوبا مڪمل ڪري ڪراچي جي ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ  گهربل رقم مختص ڪئي وڃي، هن چيو ته هلندڙ مالي سال 23-2022ع دوران 332.165 ارب جي لاڳت سان 4158 اسڪيمون (2506 جاري ۽ 1652 نيون اسڪيمون) شروع ڪيون ويون، برساتي ٻوڏ بعد  ترقياتي بجيٽ ۾ ( 67.513 ارب ) ڪٽوتي ڪري 267.652 ارب رپيا ڪئي وئي، هن وقت تائين  ترميمي ترقياتي بجيٽ 181.8 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، جڏهن ته رڳو 126.228 ارب رپيا ( 47سيڪڙو ) خرچ ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير رٿابندي کاتي کي هدايت ڪئي ته 30 جون تائين گهٽ ۾ گهٽ 800 اسڪيمون مڪمل ڪيون وڃن. وڏي وزير ايندڙ مالي سال جي اي ڊي پي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر اسڪيمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته اسڪولن، اسپتالن، روڊن ۽ آبپاشي نيٽ ورڪ جي مرمت ڪري کين فعال ڪيو  وڃي، پلاننگ بورڊ جي چيئرمين حسن نقوي بريفنگ ڏيندي چيو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 6 ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي هڪ اسڪيم جي منظوري ڏني وئي آهي، جن ۾ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريهيبليٽيشن پراجيڪٽ لاءِ 48 ارب ، سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ رڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ لاءِ 110 ارب ، سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ لاءِ 64 ارب ، سنڌ انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پراجيڪٽ لاءِ 55 ارب ۽ سوشل ڊليوري پروٽيڪشن سسٽم لاءِ 42 ارب، جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران سنڌ فلڊ ايمرجنسي اسسٽنس پراجيڪٽ  هيٺ  43.9 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير رٿابندي کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي واٽر بورڊ جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ 600 ارب رپين جي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروس امپرومينٽ پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم کي تيز ڪيو وڃي.  اجلاس ۾ عالمي بينڪ جي سهڪاري رٿائن سنڌ ٽرانسفارميشن ايڪسلريڊ رورل سروسز، سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ ايڪو ڪلچر ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي منصوبن سنڌ سيڪنڊري سٽيز امپروومينٽ پروجيڪٽ فيز II، سنڌ ڪوسٽل ريزيلنس پراجيڪٽ، پراونشل روڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ، سنڌ هيلٿ سسٽم منصوبو ۽ انٽيگريٽيڊ ٽرانسپورٽ امپروومينٽ پروجيڪٽ آف حيدرآباد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي اي ڊي پي لاءِ  پنهنجون اسڪيمون پلاننگ کاتي کي اماڻين