ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سمورين آرٽس ڪائونسلن کي گڏ ڪرڻ لاءِ  آرٽس ڪائونسل آف سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي قائم، شاندار ڪاڪردگي ڏيکاريندڙن کي “ سنڌ ايوارڊ” ڏيڻ جو فيصلو ان حوالي سان ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ  ۾ آرٽس ڪائونسلن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. صوبي جي آرٽس ڪائونسلن جو پاڻ ۾ رابطو مختلف علائقن جي فنڪارن کي پنهنجي فن جي ٻين شهرن ۾ نمائش جي سهولت فراهم ڪندو. آرٽس ڪائونسلن جي ثقافتي سرگرمين جو ساليانو ڪيلنڊر ڊويزنل سطح تي جاري ڪيو وڃي، هن چيو ته ملڪ ۾ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي منفرد نيٽ ورڪ هوندو. سڄي سال ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فنڪارن ۽ فن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙن لاءِ ساليانو فيسٽيول منعقد ڪيو وڃي. جنهن ۾ بهترين فنڪارن کي ”سنڌ ايوارڊ“ ڏنو ويندو،. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ”آرٽس ڪائونسلز آف سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي“ جا ميمبر صوبي جي آرٽس ڪائونسلن جا چونڊيل ميمبر هوندا.