ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران پرڳڻي جي تعليمي بورڊن کان نائين کان انٽر جا امتحان وٺڻ ۽ نتيجا تيار ڪرڻ جا اختيار کسي  خانگي ادارن کي ڏيڻ جو فيصلو، هلندڙ سال يعني 2023 جي سالياني امتحان کان عملدرآمد به شروع ٿي ويندو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ميٽرڪ بورڊ، ڪراچي انٽربورڊ، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظيرآباد جي تعليمي بورڊن کان نائين کان ٻارهين ڪلاسن تائين جا ساليانا امتحان ڪرائڻ ۽ امتحاني نتيجا ٺاهڻ جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا آهن، ان سلسلي ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري وزير اسماعيل راهو جي منظوري کانپوءِ  يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمينن کي خط لکي اهڙي آگاهي به ڏني آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي پاران واضح ڪيو ويو آهي ته هلندڙ سال يعني 2023 کان نائين کان ٻارهين ڪلاس جا امتحان تعليمي بورڊن بجاءِ ٿرڊ پارٽي کان ڪرايا ويندا، جڏهن ته امتحان ڏيندڙ شاگردن جون ڪاپيون پڻ ٿرڊ پارٽي کان چيڪ ڪيون وينديون، تعليمي بورڊن جي سربراهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته امتحاني پاليسي ذريعي امتحان ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ذريعن موجب لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ پاران يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي خط لکي شڪايت ڪئي وئي هئي ته تعليمي بورڊن جو انتظامي نظام تباھ ٿي چُڪو آهي، انهي ڪري امتحان ٿرڊ پارٽي ذريعي ڪرايا وڃن، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين اهڙي تجويز تي  باقي 8 بورڊن، اسڪول ايجوڪيشن  ۽ ڪاليجز کاتن ۽ سپلا سان صلاح مصلحت ڪرڻ بجاءِ پاڻ مرادو فيصلو ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف وقتن تي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين وٽ تعليمي بورڊن ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاسن جي سالياني امتحانن ۾ مارڪن ۾ هيراڦيري جون شڪايتون اينديون رهيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌ کان وڌ شڪايتون ڪراچي انٽر ۽ ميٽرڪ بورڊن  ۽ ميرپورخاص بورڊ جون مليون آهن.