ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي ڪاروکھو واري علائقي ۾ قائم پي پي ايچ آءِ سينٽر تي ڊيوٽي ڪندڙ 25 ورهين جي  نوجوان جڙيو ملاح جو گوليون لڳل لاش ھٿ آيو، نوجوان پاڪستان فشرفوڪ فورم جي اڳواڻ محمد ملاح جو پٽ هيو.  اطلاع تي پوليس پھچي لاش  تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف فوتي نوجوان جي وارثن شڪور ملاح ۽ اعجاز ملاح موجب ته نوجوان پي پي ايچ آءِ سينٽر تي چوڪيدار مقرر ھو، جيڪو رات جو ڊيوٽي تي موجود ھو، صبح جو سندس ڳوليون لڳل لاش مليو آهي، خبر ناھي کيس ڪنھن گوليون ھڻي  قتل ڪيو آھي. سهوڏانهن ڪوٽڙي پوليس موجب ته نوجوان کي گوليون لڳل آھن، معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ خبر پوندي.