ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوھو پاران سنڌ ۾ ميتون کڻڻ لاءِ 300 ميت ايمبولينسون جلد هلائڻ جو اعلان، مهانگيون دوائون وڪرو ڪندڙن ۽ بليڪ ميل ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي خلاف ڪارروائي جي ھدايت، ڪالهه صوبائي وزير عذرا پيچوھو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي ايمبولينسن جي حوالي سان غلط افواهه ڦهلايا ويا ، ڪراچي لاءِ 8 ۽ شهيد بينظيرآباد لاءِ 5 ميت ايمبولينسز ڏيون پيا،  جلد 3 سئو کان وڌيڪ ميت ايمبولينسون آنديون وينديون، جيڪي پوري سنڌ ۾ هلنديون، ميت ايمبولنيس فري هوندي، هن چيو ته رزاق آباد ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪيو ويندو، ھن چيو ته  دوائن جي اگهن ۾ هٿرادو اضافي تي ڊرگ انسپيڪٽرن  کي ڪارروائي ڪرڻ گهرجن، صوبائي وزير چيو ته هڪ سئو کان وڌيڪ گوسڙو ڊاڪٽرن کي برطرف ڪيو ويو آهي، ڪراچي سول اسپتال ۾ عيد کانپوءِ ايم ايس مقرر ڪيو ويندو، انهي لاءِ  انٽرويو هلندڙ آهن،  هن چيو ته بليڪ ميل ڪندڙ ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي خلاف ڪارروائي ٿيندي.