اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سزائن ۾ خصوصي ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد الفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، سزا ۾ ڪيل اها گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالفت سرگرمين ۾ ملوث قيدين، زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا، دهشتگردي، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ وارن مجرمن تي لاڳو نه ٿيندي، 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي قيدين، 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي قيدين جيڪي پنهنجي سزا جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ڪاٽي چڪا هجن، انهن تي سزا ۾ ڪيل اها گهٽتائي لاڳو ٿيندي، صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.