واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ايوان ۾ اميگريشن پاليسي سخت ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، ان ڏس ۾ اميگريشن پاليسي بابت سخت بل پيش ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پيش ڪيل بل ۾ غير قانوني طور تي ڪم ڪندڙ پرڏيهين خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ سياسي پناهه لاءِ قائدا ۽ ضابطا به سخت ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته پناهه وٺندڙن کي 50 ڊالر فيس به ادا ڪرڻي پوندي. بل موجب پناهگير ٻارن کي سندن خاندان سان گڏ حراست ۾ رکيو ويندو.