ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) موسميات کاتي  اڳڪٿي ڪئي آھي ته سڀاڻي کان ايندڙ ٽن ڏينهن تائين سنڌ ۾ مون سون جي پھرين وسڪاري جو امڪان آھي، جاري ڪيل پڌرائي موجب سڀاڻي 21 جون تي شام يا رات ڌاري سکر، لاڙڪاڻي،  جيڪب آباد ۽ خيرپور سميت آسپاس وارن علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿي سگھي ٿو، جڏهن ته 22 ۽ 23 جون جي وچ واري رات جو ڄامشوري، دادو، قمبر، شڪارپور، نواب شاھ ، سانگھڙ، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٺٽي،  بدين ، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ برسات جو امڪان آھي،  موسميات کاتي موجب  اڄ ۽ سڀاڻي گرمي پد 33-35 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو،  اڳڪٿي موجب ڪراچي ۾ جهڙڦڙ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سامونڊي ھوائن سان گڏ اولھه جون ھوائون به  هلي سگھن ٿيون، ٻئي طرف اڄ  سومر کان 22 جون وچ ۾ اسلام آباد، ڪي پي، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي. ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته مسافر ۽ سياح جهڙالو موسم ۾ وڌ کان وڌ محتاط رهن ۽ غيرضروري سفر کان پاسو ڪن.

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف  شهرن ۾ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، برسات سبب ساريالو ٻيجارو ختم ٿي ويو، طوفان سبب بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا، ڪيترائي ڪچا گهر ۽ جهوپڙا پڻ ڊهي پيا.ڪرمپور، بهارآباد، ڏياڻي، شيرڳڙھ،  جمال ۽ ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان زوردار برسات سبب سارين جو نئون پوکيل ٻيجارو ختم ٿي ويو.طوفان سبب بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا جنهن سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو  هوا جي طوفان ۽ تيز برسات سبب مختلف ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ۽ جهوپڙا پڻ ڊهي پيا آهن. خيرپور، ڪريم بخش کوسو، همايون شريف، مدئجي، شهدادڪوٽ، ٺل ۽ ٻين شهرن ۾ مينهن پيو. لاڙڪاڻو  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾  هوا سان گڏ هلڪي برسات شروع ٿي وئي  برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. شھدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي. موسم خوشگوار ٿي وئي. غوثپور ۽ ڀرپاسي واي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪار گرمي جو زور گهٽجي ويو. جيڪب آباد ۾تيز هوا سبب دڪانن آڏو بيٺل ڇپرا اڏامي ويا ۽ بجلي جو نظام متاثر ٿي ويو جنهن سبب شهر سميت ڀرپاسي وارا علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا.