ڪوئيٽا (م ڊ) طوفاني برساتن کانپوءِ سبي ويجهو ٻوڏ جي وهڪري ۾ هڪ وين لڙهي وئي، 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، پي ڊي ايم اي موجب فوتين ۾ 4 عورتون ۽ هڪ ٻارڙي به شامل آھن. بلوچستان  جي مختلف علائقن ۾ طوفاني وسڪارن کانپوءِ ڪيترائي ڊيم به لڙهي ويا، موسميات کاتي 21 جون کان سنڌ ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آھي. ميڊيا رپورٽن موجب بارکان ۾ برساتن سبب صوف، ٽماٽي، مرچ، پٽاٽن ۽ وونئڻن جي فصلن کي نقصان ٿيو آهي ۽ اهي سخت متاثر ٿيا آهن. بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا آهن جنهن ڪري بجلي جو نظام به متاثر ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ فراهمي بند آهي. ڪچا رستا ۽ روڊ لڙهي ويا آهن جنهن ڪري ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. فصل مڪمل تباهه ٿيا آهن. بارکان، رڪني ۽ ٻين شهرن ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي. ٻئي طرف راولپنڊي ۾ به برسات پئي ۽ اترين علائقن مان برفباري جا اطلاع آهن.