ملير ( رپورٽر)ملير  ڊسٽرڪٽ جيل مان  20 ڀارتي مهاڻن قيدين کي سزا مڪمل ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو،  جيل انتظاميا آزادي ماڻيندڙ مهاڻن کي ايڌي فائونڊيشن حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي کين واگها بارڊر تي پهچائي ڀارتي اختيارين حوالي ڪندا، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ جيل جي سپرنٽينڊنٽ سيد ارشد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي مهاڻا ڪيترن ئي سالن کان ملير جيل ۾ قيد هئا، اسان وٽ ڀارتي قيدين کي ٻين قيدين وانگر سهولتون ڏنيون وينديون آهن، هن چيو ته اسان وٽ  اڃا به 500 ڀارتي مهاڻا قيدي موجود آهن