سنڌ کي گهرج جو رڳو 44 سيڪڙو گئس ملڻ جو انڪشاف: وفاق نئون معاهدو ڪري: سنڌسرڪار

0
392

ڪراچي ( رپورٽ : فقير سليم ) سنڌ حڪومت وفاق کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ گيس سنڌ کي فراھم ڪرڻ لاءِ نئين سر معاھدو ڪري،  اوگرا،  او جي ڊي سي، سوئي سدرن گيس ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ سنڌ کي نمائندگي ڏني وڃي

ان ڏس ۾ سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 2100 ايم ايم سي ايف کان وڌيڪ گيس پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ته صوبي جي ضرورت 17-18 سو ضرورت ملين معڪب فوٽ  آھيملڪ ۾ گئس جو بحران

سنڌ کي رڳو 7-8 سو ملين معڪب فوٽ  گئس ڏئي زيادتي ڪئي پئي وڃي، سنڌ مان نڪرندڙ گئس جو اڌ حصو ( 50 سيڪڙو) به سنڌ جي عوام کي نه ٿو ملي، جنهن ڪري عوام ۾احساس محرومي پيدا ٿي رهيو آهي،  ڪراچي جي ڪارخانن کي گيس نٿي ملي، جنهن سبب ايڪسپورٽ جو مسئلو پيدا ٿيندو

هن چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي حق تان دستبردار نه ٿيندي، وفاق کي گهرجي ته سنڌ سان گيس جي ورڇ تي نئون معاهدو ڪري، هن چيو ته سنڌ وٽ ملڪ جي توانائي جي ضرورتن جو حل موجود آهي پر بدقسمتي سان سنڌ کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي

هن چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم اسان جي درخواستن تي غور ڪري مسئلا حل ڪندو. اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اهو معاملو پارلياماني فورم تي به اٿارينداسين