اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان رڪوڊڪ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران غيرملڪي گولڊ ڪمپني جي وڪيل جي دليلن تي ردعمل ڏنو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته رڪوڊڪ منصوبي ۾ وفاق به ڀائيوار آهي، ان ڪري صوبائي حڪومت جي سيڙپڪاري جي اجازت جو مسئلو ناهي، ڇا بيرڪ گولڊ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي نظر رکي ويٺل آهي، بهتر ٿيندو ته عدالت کي ڊيڄارڻ بدران رڪوڊڪ معاهدي جي شفافيت بابت ٻڌايو، عدالت اهو نه ٻڌايو ته معاشي ماهرن جي ڪهڙي غلطين جي اسان سزا ڀوڳي رهيا آهيون. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بنيچ ٻڌڻي ڪئي، ڪمپني جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومتون بين الاقوامي تجارتي منصوبن ۾ اچي سگهن ٿيون، صوبائي حڪومتون رياستي سطح جا معاهدا نٿيون ڪري سگهن، عدالت کان ان ڪري راءِ چاهيون ٿا ته جيئن قانوني پيچيدگين کان بچي سگهجي، پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي، رڪوڊ معاهدي ۾ پاڪستاني تاريخ جي سڀ کان وڏي 4.297 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، 15 ڊسمبر تائين معاهدو ٿي ويو ته پاڪستان جو 9 ارب ڊالر ڏنڊ ختم ٿي ويندو، بلوچستان ۾ پهريان 7 هزار پوءِ 4 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون، سوني ۽ ٽامي ڪڍڻ، پاڻي لائن وڇائڻ سوڌو روڊن ۽ ڪميونٽي جي ڊولپمينٽ به ٿيندي. عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.