ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي دوري دوران پروٽوڪول جي خلاف ورزي جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت طرفان سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته سيڪريٽري جنرل رياست جو مهمان ۽ اهم دوري تي آيل هو، ايس ايس يو آفيسرن سيڪريٽري جنرل جي ڪمري ۾ زبردستي داخل ٿي سيڪريٽري جنرل کي تحفا ڏنا ۽ تصويرون ڪڍرايون، ايس ايس يو آفيسرن يونٽ جي شهرت لاءِ پروٽوڪول جي خلاف ورزي ڪئي، هوٽل ۾ پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيڻ دوران به ايس ايس يو جا اهلڪار زبردستي اندر آيا. جڏهن ته اسپيشل برانچ جي اهلڪارن مهمان جي ڪمري وٽ ڊيوٽي به نه ڏني، پرڏيهي وزارت جي خط بعد چيف سيڪريٽري آءِ جي سنڌ ۽ گھروکاتي کي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو