شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور مان مهينو اڳ اغوا ڄاڻايل ناري بازياب، 3 جوابدار گرفتار، ناري پاران زيادتي جا الزام، خبر موجب شھر جي ڪفايت الله ڪالوني مان هڪ مهينو اڳ مبينا اغوا ٿيل ناري امريته کي پوليس بازياب ڪرائي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جوابدارن شھباز ملوکاڻي، ادريس ملوکاڻي ۽ ارشد سولنگي کي عدالت ۾ پيش ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، جڏهن ته ناري کي 164 جي بيان لاءِ مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو، جنهن بعد سمس اسپتال مان ميڊيڪل چڪاس ڪرائي وارثن حوالي ڪئي وئي، پوليس موجب ناري 161 جي بيان ۾ چيو آهي ته جوابدارن کيس اغوا ڪري مختلف هنڌن تي رکيو، جڏهن ته جوابدار زاهد جلالاڻي کيس هٿيارن جي زور تي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، پوليس موجب ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، رهيل ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو،