سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سينڊيڪيٽ جو اجلاس، جعلي سلپس واري معاملي ۾ سيڪيورٽي گارڊ، ڪلارڪ سميت 2 ملازم نوڪرين تان برطرف، ھڪ جبري رٽائرڊ ۽ ٽن ملازمن کي تاحيات امتحان ۽ فنانس ونگ ۾ مقرر نه ڪرڻ ۽ پروموشن نه ڏيڻ جو فيصلو، ذميوار آفيسر ڪاررواين کان آجا، ترقين ۽ نئين ڀرتين ۾ پنھنجا نوازي، مِٽن مائٽن کي نوازڻ، ڪاغذي ڪارروايون مڪمل نه ھجڻ جي اعتراضن باوجود ترقين ۽ ڀرتين جي منظوري. رپورٽ موجب شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سينڍيڪيٽ جي 85ھين گڏجاڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ھيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ وائيس چانسلر آرٽس اينڊ ڊزائين يونيورسٽي سکر ڊاڪٽر ثمرين حسين، اڳوڻي وي سي مدد علي شاھ، وي سي ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ڊاڪٽر فتح محمد مري، ھيڪ اسلام جي نمائندي محمد رضا چوھاڻ، پروفيسر ڊاڪٽر عشرت ميراڻي، پروفيسر غلام مصطفيٰ مشوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڀروسي جوڳن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جعلي سلپس ذريعي وڏي پئماني تي ڪرپشن ۽ شاگردن، شاگردياڻين جي مستقبل سان کيڏندڙ ذميوار آفيسرن خلاف سياسي آشيرواد سبب ڪا به ڪاروائي ناھي ڪئي وئي. جعلي سلپس واري معاملي جي انڪوائري ڪاميٽيءَ جي روشنيءَ ۾ سيڪيورٽي گارڊ علي رضا جوڻيجو، امتحانات ونگ جي ڪلارڪ سردار علي رند کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جي منظوري ڏني. جڏھن ته زبير جوڻيجو کي جبري طور سروس تان رٽائرڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي ملازم ايسوسيئيشن جي صدر قلندر بخش بوزدار، طفيل منگي ۽ عارب ڦلپوٽو مٿان تاحيات امتحان ۽ فنانس ونگ ۾ مقرري تي پابندي ۽ پروموشن نه ٿيڻ جي منظوري ڏني آھي. اِن سان گڏ ٽنھي ملازمن جون 2 انڪريمينٽس پڻ ختم ڪيون ويون آھن. ڄاڻايل ملازم پوري سروس ساڳي گريڊ ۾ ئي رھندا. ذريعن مطابق گڏجاڻيءَ ۾ سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر عشرت ميراڻي سوال اُٿاريندي چيو ته جعلي سلپس واري معاملي ۾ ڪنھن بالا آفيسر جي ملي ڀڳت کان سواءِ ايڏي وڏي پئماني تي ننڍا ملازم اڪيلي سر ڪرپشن نٿا ڪري سگھن، اُن وقت سافٽ ويئر جو ڪير انچارج ھو، سافٽ ويئر پورٽل ملازمن تائين ڪيئن پھتو، جو انھن فراڊ ڪيو؟ اصل ذميوارن خلاف جوڳو قدم کنيو وڃي ۽ ڪروڙين روپين جي ٿيل ڪرپشن واري رقم واپس ڪرائڻ سان گڏ شاگردن، شاگردياڻين ٿيل ناانصافيءَ جو ازالو ڪيو وڃي. سنيڍيڪيٽ جي ميٽنگ ۾ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر، ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ پروفيسر جي ترقي توڙي نئين ڀرتين وارو معاملو به زير بحث هيٺ آيو. ذريعن مطابق سليڪشن بورڊ طرفان ڪيل سفارشن تي سينڍيڪيٽ جي ميمبرن وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين، پروفيسر عشرت ميراڻي، غلام مصطفيٰ مشوري، ھيڪ جي نمائندي سخت اعتراض واريندي چيو ته ڪاغذ اڻپورا آھن، جاچيو وڃي ته گھرجون پوريون ڪيل آھن يا نه، اسڪروٽني ڪاميٽي مان ڪليئر آھن يا نه، تنھن ڪري معاملو ايندڙ سينڍيڪٽ جي اجلاس تائين ملتوي ڪيو وڃي. اهڙن اعتراضن باوجود سينڊيڪٽ ترقين توڙي نئين ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. واضح رھي ته ترقين توڙي نئين ڀرتين ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ اھم عھدن تي عملدارن جو اولاد ۽ ويجھا مائٽ شامل آھن. ھوڏانھن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جعلي سلپس واري معاملي ۾ ڪجهه بااثر ملازمن لاءِ حڪمران ڌر سان تعلق رکندڙ بااثر شخصيتن جي مداخلت تي سزا ۾ نرمي آندي وئي آھي، جڏھن ته بااثر آفيسرن کي بچايو ويو آھي. ٻئي طرف سينڍيڪيٽ جي ميٽنگ متعلق موقف معلوم ڪرڻ لاءِ وائيس چانسلر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي پروفيسر خليل ابوپوٽو سان بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش باوجود ھن ڪال اٽينڊ نه ڪئي. جڏھن به يونيورسٽي جي ترجمان پروفيسر تاج لاشاري جو نمبر مسلسل بند مليو.