ميروخان (ن پ ا ) وڏي وزير پاران ميروخان ۾ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪرڻ بعد ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل شيخ ۽ لنجواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٽينٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو. لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 3 متاثر زخمي ٿي پيا، کٽون ڇانوَ ڪري ويٺل متاثرن کي انتظاميا پاران وڏي وزير جي ميروخان آمد کان هڪ ڪلاڪ اڳ ٽينٽ ڏنا ويا هئا.وڏو وزير وڃڻ کانپوءِ ٽينٽ جي مالڪي تان شيخ ۽ لنجواڻي برادري جي متاثرن ۾ جهيڙو ٿي پيو.عزيز ۽ محمد مراد لنجواڻي ۽ ڇڏائڻ لاءِ آيل امتياز رند زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ ميروخان اسپتال جي ٽراما سينٽر آندو ويو، جتي هڪ زخمي امتياز رند کي وڌيڪ ڌڪ هجڻ ڪري ڊاڪٽرن پاران لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو آهي.پوليس موجب متاثرن ۾ ٽينٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا آهن هڪ ڄڻي گلشير شيخ کي زخمي ڪيو آهي.