ڄامشورو(رپورٽر)سنڌ يونيورسٽي هاسٽلن ۾ رهندڙ مختلف شعبن جي شاگردن پاران هاسٽل گيٽ آڏو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن امر آڪاش لاکو، زاهد ڪيريو، علي ابڙو، علي رضا بروهي ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کان مختلف مراعتون ۽ سهولتون ڏيڻ جي مد ۾ فيس ذريعي اوڳاڙي ڪري ٿي پر شاگرد کي ڪا به بھتر سهولت ناهي هاسٽلون اندر معياري کاڌو فراهم نٿو ڪيو وڃي جنھن ڪري شاگردن جي صحت بهتر نٿي رهي ٽرانسپورٽ جو نظام ڌرم برهم آهي جنھن سبب شاگرد سٺيون سفري سهولتون کان محروم آهن هاسٽلن اندر صفائي نٿي ٿئي جنهن سبب مڇرن جو عذاب وڌي ويو آهي ۽ هر پاسي گندگي آهي اسٽڊي حال سميت ٻئين سرگرميون لاءِ قائم ڪيل حالن ۾ فرنيچر کان ويندي ٻئي ڪا به سهولت موجود ناهي شاگردن کي صاف پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي واٽر ڪولر به خراب آهن پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي سالن کان وٺي بلاڪ هاسٽل تي پوليس جو قبضو برقرار آهي، جنھن جي مذمت ڪيون ٿا. سنڌ يونيورسٽي سميت سمورن تعليمي ادارن اندر فورسز جي اندر اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي. هنن چيو ته هاسٽل گيٽ تي مقرر سيڪيورٽي گارڊن جو به شاگردن سان اڍنگو رويو آهي. شاگردن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن انتظاميا سان بار بار رابطو ڪرڻ تي ڪو به موقف سامهون نه اچي سگھيو.