حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪريو جي عنوان سان عوامي تحريڪ پاران پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، عوامي ورڪرس پارٽي جي ڪامريڊ بخشل ٿلهو، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ مسرور شاهه، عبدالقادر رانٽو، ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار، سنڌي ھاري تحريڪ جي ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌياڻي تحريڪ جي عمراھ سمون، سنڌي مزدور تحريڪ جي حاجي خان سمون، سنڌي هاري تحريڪ جي ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، نامياري صحافي جي اين مغل، حفيظ ڪنڀر، اسحاق مڱريو، ادريس لغاري، دستگير ڀٽي، ڊاڪٽر ذولفقار هاليپوٽو سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اڳواڻن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ذريعي پرڏيھين کي سنڌ جو شھري ڳڻي ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم جي ڏنل فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ڪراچي بدامني ڪيس جي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏنو آھي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ غيرقانوني طور رھندڙ سمورن پرڏيھين کي ملڪ نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانھن موڪليو پر ملڪ جي حڪمرانن پنھنجن سياسي ۽ حڪومتي مفادن خاطر سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪو به عمل ناهي ڪيو. ھاڻي صورتحال اها آھي ته ھڪ گروھ جي فرمائش تي سنڌ دشمن، ملڪ دشمن سازشي آدمشماري ڪرائي پئي وڃي جنھن ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڄاڻايل 40 لک ۽ ان کانپوءِ گذريل عرصي دوران آيل لکين غيرقانوني غيرملڪين کي ڳڻپ ۾ شامل ڪري کين سنڌ جو شھري قرار ڏنو ويندو. ھن چيو ته سنڌي قوم جو مطالبو آھي ته سنڌ ۾ آباد لکين غير ملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏئي پوءِ آدمشماري پنھنجي مقرر وقت تي يعني 2027ع ۾ ڪرائي وڃي ۽ وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري روڪرائي آدمشماري لاءِ مختص ڪيل 35 ارب رپيا سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪيا وڃن. هنن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڀرپور جدوجھد جي ضرورت آھي. ڊجيٽل آدمشماري کي رد يا روڪرائڻ تائين جدوجھد ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ڊجيٽل آدمشماري ذريعي آمريڪي سامراج سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهي رهيو آهي. ھن سازشي آدمشماري ذريعي سنڌ ۾ غيرقانوني طور رھندڙ لکين افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي قانوني تحفظ فراهم ٿيندو. هنن چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسنديون تباهه ٿيون. گهر ڊهڻ سبب ڪروڙين ماڻهو بي گهر آهن. پوءِ ڪهڙن گهرن جي گهر شماري ٿيندي؟ سيمينار ۾ قراردادون پيش ڪري چيو ويو ته سنڌ جون سموريون قومپرست، وطن دوست، قوم دوست تنظيمون، سنڌ جا ساڃاھ وند، اديب، شاعر، صحافي، سول سوسائٽي جا نمائندا، وڪيل، آبادگار، شاگرد، ھاري، مزدور توڙي مختلف مڪتب فڪر سان لاڳاپيل ماڻهو ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري چڪا آهن پر ان جي باوجود 6 ڪروڙ سنڌي قوم جو آواز ٻڌڻ بدران حڪمران آدمشماري ڪرائڻ تي بضد آھن. اڳواڻن قراردادن ۾ مطالبو ڪيو ته پاڪستان کي گهڻ قومي رياست تسيلم ڪري سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي جڏهن ته پارليامينٽ جو جوائنٽ سيشن گهرائي شماريات، قانون ۽ آئيني طريقي سان ڏهن سالن جي مدي هيٺ آدمشماري ڪرائڻ کي اهميت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته پنج سالن جي مدت غير آئيني آهي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ صورتحال خراب آهي. 15 لک گهر ڊٿل هئڻ ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو دربدر هئڻ سبب ڳڻپ کان رهجي ويندا.