سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر طرفان ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي پروگرامن تي سنڌ کان ٻاھر پروگرام ڪرائڻ تي اسٽي برقرار، عدالت درخواست جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ثقافت کاتي کي صرف پئرس ۾ موهن جو دڙو بابت پروگرام ڪرائڻ جي اجازت ڏني وئي. اِن ڏس ۾ وڪيل سھيل لطيف ميمڻ مطابق سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي طرفان ٻاھرين ملڪن ۾ وڏي رقم سان پروگرام ڪرائڻ بابت داخل درخواست جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي. وڪيل سھيل ميمڻ مطابق عدالت آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي پروگرامن تي سنڌ کان ٻاهر پروگرام تي اسٽي برقرار رکندي ثقافت کاتي سنڌ کي سنڌ کان ٻاھر ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاھر پرڏيھي ملڪن ۾ پروگرام ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آھي. ثقافت کاتو ھاڻي سنڌ کان ٻاهر آئينده ڪو به پروگرام نه ڪندو. صرف هڪ پيرس واري موهن جو دڙو متعلق پروگرام جي انتظامن خرچ ٿيڻ سبب اجازت عدالت اجازت ڏني آھي ڇو جو اِن پروگرام ۾ پاڪستان ايمبيسي به شامل آهي. وڪيل مطابق پيرس واري پروگرام ۾ ڊي جي ڪلچر طرفان جمع ڪرايل لسٽ مطابق ئي ماڻھو شريڪ ٿي سگھن ٿا. وڪيل سھيل لطيف ميمڻ مطابق عدالت لطيف سرڪار، قلندر ۽ ٻين بزرگن جي عرسن کان سواءِ  باقي فيسٽيولز تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي، جڏھن تہ عدالت ڊويزن سطح تي ساليانو ادبي فيسٽول ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي آھي.