لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڌامراهه پوليس جاڙا واهه وٽان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب جوابدار جي سڃاڻپ حبيب الله عرف جاني ولد سڪندر لانڍر طور ٿي آهي، شروعاتي معلومات موجب جوابدار لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ سرگرم ڏوهاري هو جنهن جي ڏوهاري رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن گرفتار ڏوهاري کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي سندس جو علاج جاري آهي.هوڏانهن نظر محلا واسڻ عزيزان لانڍر پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيندي چيو ته هفتو اڳ پوليس پٽ حبيب الله لانڍر کي کنڀي ڪوڙِي مقابلي ۾ کيس هاف فراءِ ڪيو.