ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلامحيدر ڀرسان مويا ٿاڻي جي حد ڳوٺ  حاجي جمعون چانگ ۾ 33ورهين جي نوجوان ارشدعلي لاشاري پٽ شيرمحمد لاشاري  مبينا طور بيروزگاري کان تنگ ٿي وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ  پهتي پوليس موجب  فوتي گهرن کان پري زرعي زمين ۾ بيٺل وڻ ۾ ٽوال ڳچي ۾ وجهي  زندگي جو ڏيئو اجهايو آھي  وارثن طرفان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو انهن لکي ڏنو اسان ڪاغذي قانوني ڪاروائي ڪئي جڏھن تہ آپگهات جو ڪارڻ وارثن فوتي جي ماء بشيران فوتي جي ڀائرن محمد ابراهيم محمد رمضان لاشاري پوليس کي  ٻڌايو  ته نوجوان مسلسل  بيروزگار هجڻ سبب پريشان هو جنهن جي ڪري خدڪشي ڪئي اٿس.