ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين ۽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر ۾ اختلاف ظاهر، ان ڏس ۾   مڪاني کاتي جي ڪراچي واري ڊائريڪٽر  ڪراچي شهر جي سمورين يونين ڪاميٽين جي سيڪريٽرين کان سروس رڪارڊ ۽ ٻي اهم معلومات طلب ڪري ورتي، لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين ريجنل ڊائريڪٽر جي اهڙي حڪمنامي کي غيرقانوني قرار ڏيندي آرڊر واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ذريعن موجب ڪراچي ۾ تازو مقرر ٿيل ڊائريڪٽر انور رُڪ ڪراچي جي مختلف  يونين ڪاميٽين جي سيڪريٽرين کي خط لکي کانئن سروس رڪارڊ گھرائي ورتو آهي، خط ۾ اها هدايت پڻ ڪئي وئي آهي ته ڀرتي جي تاريخ/سال، ڀرتي ڪندڙ اختياري جو نالو ۽ عهدو، تعليم، بينڪ اڪائونٽ نمبر توڙي بينڪ اسٽيٽمينٽ سميت ٻيو رڪارڊ هنگامي بنيادن تي جمع ڪرايو وڃي، اهڙو خط ظاهر ٿيڻ بعد لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ناراضپو ظاهر ڪندي ڊائريڪٽر کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته هو مڪاني ايڪٽ ۾ مليل اختيارن تحت رڳو يونين ڪاميٽين جي نگراني ڪري، خط موجب يو سيز لان سروس رڪارڊ سميت ٻي ڄاڻ لوڪل گورنمينٽ بورڊ يا مڪاني کاتي جا سيڪريٽري ئي گهرائي سگھن ٿا، خط ۾ چيو ويو آهي ته يونين ڪاميٽين جي سيڪريٽرين کي سروس رڪارڊ گھرائڻ بابت اماڻيل خط بِنا دير واپس ورتو وڃي. ذريعن موجب مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري جي مخالفت باوجود صوبائي وزير جي سفارش تي انور رُڪ کي سکر مان بدلي ڪري ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو هو