ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي ۾ شهيد ٿي ويل ايس ايچ او عبداللطيف ميراڻيءَ جو جنازي نماز ڳوٺ درويش نائچ ۾ ادا ڪئي وئي. ايس ايس پي گھوٽڪي، ايس ايس پي ڪشمور ۽ ٻين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد پوليس دستي سلامي پيش ڪئي ۽ شهيد ايس ايچ او جو مڙهه سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.