ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي جي اختيارين رسڪ الائونس ۽ ڊاڪٽرن جي ترقين لاءِ احتجاج ڪندڙينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محبوب نوناري کي اين آءِ سي ايچ مان ٽنڊو محمد خان بدلي ڪري ڇڏيو،17هين گريڊ جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر محبوب نوناري کي  سول اسپتال ٽنڊو محمد خان ۾ مقرر  ڪيو ويو آهي، صحت کاتي جي سيڪريٽري اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو،ان حوالي سان ڊاڪٽر محبوب نوناري چيو آهي ته ڊاڪٽرن جي رُڪيل ترقين ۽ رسڪ الائونس لاءِ آواز اٿارڻ تان کيس بدلي ڪيو ويو آهي.